رُونا ليليٰ
Wikipedia طرفان
رُونا ليليٰ (بنگالي: রুনা লায়লা) بنگلاديشِي اوريجن جي مقبول گائڪھ آھي. جيتوڻيڪ پنھنجي اباڻي ملڪ ۾ سندس شھرت پاپ سانگس جي ڪري آھي، مگر باقي ڏکڻ ايشيا ۾ ھوءَ تمام سٺي غزل گو گائڪھ طور سڃاتي ويندي آھي. ھن بنگلاديش، ڀارت ۽، بنگلاديش جي آزاديءَ کان اڳ پاڪستان ۾ ڪيترين ئي فلمن لاءِ گيت ڳاتا آھن. ھوءَ پنھنجي ڳاتل ڌمال "دمادم مست قلندر"، جي ڪري پڻ مشھور آھي، جيڪا ڪيترن ئي گائڪن ڳاتي آھي.
سنڌ ۾ سندس مقبوليت جو سبب طالب الموليٰ جو ڪلام آھي، جيڪو ڳائي رونا ليليٰ سنڌ جي ماڻھن جون دليون کٽي ورتيون.
[edit] ذاتي زندگي
رُونا ليليٰ ٻھ شاديون ڪيون آھن. ھن ٻي شادي 2006ع ۾ بنگالي اداڪار عالمگير سان ڪئي. رونا ليليٰ جي ڀيڻ دينا ليليٰ پڻ گائڪھ ھئي، جنھن سنڌي گيت پڻ ڳاتا آھن.
[edit] اعزازات
- بنگلاديش
- يوم آزادي اوارڊ،
- قومي فلم اوارڊ, بنگلاديش (ٻھ ڀيرا)
- ھند
- سھگل اوارڊ، ڀارت
- پاڪستان
- نگار اوارڊ (ٻھ ڀيرا)، پاڪستان
- Critics Award
- Graduate Award (twice)
- موسيقيءَ جي قومي ڪائونسل سونو ٻِلو